اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) ملڪ جي چونڊيل نئين وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ملڪ ل??يندڙن ۽ قرضي ڪندڙن جي سخت احتساب جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪنهن کي اين آر او نه ملندو. قومي اسيمبلي ۾ قائدايوان چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين خطاب ۾ عمران خان چيو ته هو اڄ الله تعاليٰ ۽ پنهنجي قوم جو ٿورو ادا ڪري ٿو جنهن ک??س ملڪ ۾ تبديلي آڻڻ جو موقعو ڏنو جنهن جو قوم 70 س??لن کان انتظار ڪري رهي هئي، هن چيو ته هو پنهنجي قوم سان واعدو ڪري ٿو ته هو اهڙي تبديلي آڻيندو جنهن لاءِ هو سڪي رهي هئي، هن چيو ته هاڻي سڀ کان پهرين ملڪ ۾ سخت احتساب ڪ??ڻو آهي ۽ جنهن ماڻهن ملڪ کي ڦريو ۽ قرضي بڻايو انهن کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ويندو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق