گڏيل ??ومون-04 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني رياست جي قيام تي زور ڀريندي اسرائيل کان مطالبو ڪيو آهي ته والاريل ??لسطيني علائقن کي خالي ڪري. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل ??ومن جون 2025ع ۾ عالمي ڪانفرنس جي منعقد ٿيڻ جو مطالبو به ڪيو آهي ته جيئن ٻه رياستي حل لاءِ ??فارتي ڪوششون ٻيهر شروع ڪري سگهجن. گڏيل ??ومن ۾ گذريل ڏينهن پيش ڪيل ??هراءَ جي حق ۾ 157 ۽ مخالفت ۾ 8 ووٽ پيا. آمريڪا ۽ اسرائيل سميت 8 ملڪن ٺهراءَ جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنا جڏهن ته 7 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. جنرل اسيمبلي اسرائيل ۽فلسطين جي ٻه رياستي حل لاءِ ??المي قانون موجب غير متزلزل حمايت جو اظهار ڪيو. اسيمبلي چيو ته ٻنهي رياستن کي 1967ع کان اڳ جي سرحدن ??ي بنياد تي تسليم ٿيل سرحدن ??ندر امن ۽ سلامتي سان رهڻ گهرجي. جنرل اسمبلي ٻه رياستي حل کي حقيقت بنائڻ جي سفارتي ڪوششن ۾ نئين جان وجهڻ لاءِ ??يندڙ سال جون ۾ نيويارڪ ۾ عالمي اجلاس طلب ڪيو آهي. سعودي عرب ۽ فرانس ان اعليٰ سطحي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا. گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي فلسطيني عوام جي بنيادي حقن خاص طور تي خوداراديت واري حق ۽ ان جي آزاد رياست جي حق جو مطالبو ڪيو.گڏيل ??ومون سمجهن ٿيون ته اولهه ڪناري، اوڀر بيت المقدس ۽ غزه جي پٽي تي اسرائيل غير قانوني قبضو ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو فلسطيني رياست جي قيام جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی