سيئول – 14 مارچ (اي پي پي) ڏکڻ ??وريا ۾ سامونڊي ڪناري ويجهو مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ هڪ گم ٿي ويو. شنهوا ڏکڻ ??وريا جي يونهاپ نيوز ايجنسي جي حوالي سان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن 139 ٽن وزني ٽرالر گادي واري شهر کان اٽڪل 330 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ٽونگيونگ شهر جي هڪ ٻيٽ ۾ ٻڏي ويو. جنهن ۾ عملي جا 11 ڪارڪن سوار هئا جن ۾ 4 ڏکڻ ??وريائي، 6 انڊونيشيا ۽ هڪ جو تعلق ويتنام سان هو. ڪوسٽ گارڊ واقعي جو اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ عملي جي 10 ڪارڪنن کي ڪوسٽ گارڊ ۽ ويجهن ٻيڙين بچائي ورتو پر هڪ ڪپتان سميت 3 ڏکڻ ??وريائي شهرين کي بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو اجل جو شڪار ٿي ويا جڏهن ته ڏکڻ ??وريا جو ??ڪ ملاح گم ٿي ويو. گم ٿيل شخص جي ڳولا لاءِ ڪ??روائيون جاري آهن جنهن ۾ 16 ٻيڙيون، ٻه بحريا جا جهاز ۽ ٽي هوائي جهاز حصو وٺي رهيا آهن.
ڏکڻ ڪوريا ۾ مهاڻن جي ٻيڙي ٻڏڻ سبب 3 ڄڻا اجل جو شڪار، هڪ گم
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado