ٽورانٽو-22 سيپٽمبر (اي پي پي) ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو آهي ته سندس وٽ ڀارت جي سک اڳواڻ پرديپ سنگهه ??ي قتل ۾ ملوث هجڻ جي مصدقه معلومات موجود آهي، عرب نيوز موجب نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو ته اسان وٽ اهو سمجهڻ جي مصدقه سبب موجود آهن ته ڀارتي حڪومت جي ايجنٽس ڪينڊين سرزمين تي ڪينڊين شهري ??ي قتل ۾ ملوث آهن، هن چيو ته ڪ??نيڊين پارليامينٽ ۾ پهريون ڀيرو هن ڀارت جي حوالي سان بيان انتهائي سنجيدگي سان ڏنو هو، هن چيو ته ڪ??هن به ملڪ طرفان ڪنهن ٻي ملڪ جي سرزمين تي ان جي شهري کي قتل ??رڻ ناقابل قبول آهي ۽ ان حوايل سان اسان قانون جي حڪمراني لاءِ بيهڻ جي ??صو?? جي پاسداري جو مظاهرو ڪنداسين، هن چيو ته اسان ڀارت کي چوڻ چاهينداسين ته هو ان معاملي کي سنجيدگي سان وٺي ۽ انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائي. آئون ڪينيڊا جي شهرين کي تحفظ فراهم ??رڻ لاءِ پنهنجو ڪم جاري رکندس.
هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي پڪي معلومات موجود آهي: جسٽن ٽروڊو
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج