گڏيل قومون-26 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن سوڊان ۾ خو??اڪ?? پاڻي، دوائن ۽ ٻارڻ ج?? کوٽ بابت خبردار ڪري ڇڏيو آه??. سعودي ميڊيا ذريعن موجب گڏيل قومن جي ماتحت پناهگيرن جي هاءِ ڪمش??ر جي ترجمان چيو آه?? ته 20 هزار سوڊاني ملڪ ڇڏي چاڊ هليا ويا آه?? جڏهن ته ڏکڻ سودان کان تقريبن 4 هزار پناهگير پنهنجي وطن واپس آيا آه??. هاءِ ڪمش??ر جي ترجمان جنيوا ۾ تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ايئن لڳي ٿو ته جنگ جي نتيجي ۾ اندروني ۽ ٻاهرين ملڪ لڏپلاڻ ڪندڙن جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو. ٻئي طرف گڏيل قومن جي انساني معاملن واري رابطا آفيس جي ترجمان ڌيان ڇڪرايو آه?? ته خو??اڪ?? پاڻي، دوائن، ٻارڻ، بجلي ۽ رابطي ۾ شديد کوٽ درپيش آه??، ترجمان چيو ته تازي عسڪري سرگرمين کان اڳ سوڊان ۾ انساني ضرورتن ۾ رڪارڊ اضافو رپورٽ ٿيو هو. تقريبن 15.8 ملين ماڻهن کي بنيادي شيون گهربل هيون. اهو تعداد ملڪ جي ٽيون حصو جي آبادي جي برابر آه??.
سوڊان ۾ خوراڪ ۽ ٻارڻ جي کوٽ جو خدشو آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : جڑواں اسپن