راولپنڊي– 29 اپريل (اي پي پي) پاڪ فوج جي ت??جمان ميجر جنرل آصف غفور ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪي گجگوڙ ڪندا آهن اهي وسندا ناهن، ڀارت ڪجهه ڪرڻي چاهي ٿو ته پهرين پنهن??ي جهازن جو ڪِرڻ ذهن ۾ رکي، هي نه 1971ع آهي ۽ نه اها فوج ۽ حالتون، صبر جو امتحان نه ورتو وڃي، اوهان چيو ايٽمي اثاثا ڏياري لاءِ نه آهن ته اچو اسان به تيار آهيون پاڪستان پنهنجي دفاع ۽ سلامتيءَ جي لاءِ هر صلاحيت کي ڪتب آڻيندو، ڀارت تي منحصر آهي ته اهو خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ ڳالهين جي ميز تي اچي ٿو يا 27 فيبروري کي ورجائڻ چاهي ٿو، پاڪ فوج جي ت??جمان ميجر جنرل آصف غفور آءِ ايس پي آر ميڊيا کي بريف??گ دوران پاڪ- ڀارت ڇِڪتاڻ تي ڳالهائيندي چيو ته ان تي 22 فيبروريءَ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، جڏهن انهن اسان مٿان پلواما جا الزام لڳايا هئا، مون ان وقت سببن جو ذڪر ڪيو هو ته پاڪستان ڪهڙيءَ ريت به ان حملي ۾ ملوث نه آهي.
جيڪي گجگوڙ ڪندا آهن اهي وسندا ناهن: ميجر جنرل آصف غفور
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا