اسلام آباد – 18 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب جي ذريعي قبائلي علائقن سميت سڄي ملڪ ۾ دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي، پاڪستان دهشتگردن جي خلاف بنا فرق جي ڪارروائ?? ڪئي، اسان هر قسم جي دهشتگردن جي خلاف آهيون ۽ پنهنجي سرزمين تي ڪنهن به قسم جي دهشتگردن کي برداشت نه ڪنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ اپوزيشن جي ڪيترن ئي ميمبرن طرفان جمع ڪرايل رٿ جي حوالي سان خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته آمريڪي سينيٽ جي آرمز سروسز ڪميٽي جي چيئرمين جا?? مڪين جي سربراهي ۾ 2 کان 3 جولاءِ تائين 5 ??ڪني آمريڪي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ان دوران وزيراعظم ۽ صلاحڪار سان به ملاقاتون ڪيون، آمريڪي سينيٽرز جو وفد آرمي چيف سان به مليو ۽ کين دهشتگردي جي خاتمي واري آپريشنز جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو.
آپريشن ضرب عضب سان دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي: سرتاج عزيز
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ