بي??نگ -24 آڪٽوبر (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي چيو آهي، ته چين فلسطين مسئلي جي حل جي جائز ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو. چين جي پرڏيهي کاتي م??ابق چين جي پرڏيهي وزير ملائيشيا جي پرڏيهي وزير ايمبري عبدالقادر سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جنهن ۾ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ جاري تڪرار تي غور ويچار ڪندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرائيل فلسطين تڪرار جي سمورين ڌرين کي م??تقل امن لاءِ عالمي اتفاق راءِ ??ي هٿي وٺائڻ گهرجي ۽ چيو ته هو فلسطين مسئلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪن ٿ??. وانگ يي چيو ته چين اهڙي ڪنهن به حملي خلاف اهي جنهن سان معصوم شهرين کي نقصان پهچي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ٿئي، اسان هميشه امن، عالمي قانون ۽ فلسطين مئسلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جائز مطلبن سان گڏ بيٺا آهيون. چين جي پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هو غزه پٽي جي صورتحال تي ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي تنظيم آسيان ۽ نار سهڪار ڪائونسل جي گڏيل بيان جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته جڏهن ??نگ ۽ امن جي ڳالهه ايندي آهي ته سمورين ڌرين تي جاگرافيائي ۽ سياسي خدشن ??ي هڪ طرف رکڻ گهرجي. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته اسان ??نگ بندي، جنگ جي خاتمي، شهرين جي تحفظ، ڳالهين ۽ امن ڳالهين ??ي هٿي وٺائڻ لاءِ چين جي ڪوششن جي واکاڻ ڪيون ٿ?? ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريون ٿ?? ته هو ٻه رياستي حل ۽ وچ اوڀر ۾ مستقل امن قائم ڪرڻ تي م??فق آهن. ملائيشيا جي پرڏيهي وزير چيو ته اميد ٿا ڪيون ته چين ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو ته تڪراري ڌريون جلد کان جلد ڳالهين جي ميز تي واپس اچن.
فلسطين مسئلي تي عرب ۽ اسلامي ملڪن جي جائز مطالبن جي حمايت ڪيون ٿا: چين جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا