گڏيل قومون-28 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته غزه پٽي جي اتر ۾ جاري سخت اسرائيلي فوجي ڪا??روائين دوران فلسطيني شھرين جي فوتگين جي صورتحال تي سخت صدمي جو اظھار ڪيو آھي. پرڏيھي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ترجمان گذريل ڏينھن بيان ۾ چيو آھي ته غزه جي صحت واري وزارت مطابق گذريل ڪجھه ھفتن دوران غزه ۾ اسرائيلي ڪا??روائين دوران سوين فلسطيني شھيد ٿيا ۽ 60 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو ٻيھر لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آھن ۽ اھو به خدشو آھي ته انھن مان ڪيترا ئي ماڻھو سندن گھر واپس نه وڃي سگھندا. بيان ۾ ھن چيو ته اتر غزه ۾ ڦاٿل فلسطيني شھرين جي حالت ناقابل برداشت آھي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل چيو ته اتر غزه ۾ اسرائيل جي فوجي ڪا??روائين جي نتيجي ۾ وڏي پيم??ني تي تباھي خاص طور تي جباليه، بيت لاھيه ۽ بيت الحنون ۾ ٿي آھي ۽ انھن جي آس پاس وارا علائقا فلسطيني آبادي جي رھائش جي قابل نه رھيا آھن. ھن چيو ته عالمي انس??ني قانونن جون سنگين ڀڃڪڙيون جاري آھن. ھن ان ڳالھه تي ز??ر ڀريو ته تڪرار وارين ڌرين کي شھرين ۽ انس??ني ھمدردي جي ڪا??ڪنن جو تحفظ ڪرڻ گھرجي. پر افسوس هتي انھن لاءِ روڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن. گڏيل قومن جي سربراه ??زه ۾ فوري جنگبندي، سمورن قيدين جي فوري آزادي ?? عالمي قانون تحت ڏوھارين کي جوابده بڻائڻ لاءِ پنھنجي اپيل جو ورجاءُ ڪيو.
اتر غزه ۾ فلسطيني شھرين جي حالت ناقابل برداشت آھي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب