واشنگٽن -12 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن وچ اوڀر ۾ هڪ گائيڊڊ ميزائيل آبدوز موڪلڻ ۽ تباهي پکيڙيندڙ سامونڊي جهاز يو ايس ايس ابراهم لنڪن کي به علائقي ۾ فوري طور روانو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي دفاع واري وزير پنهنجي بيان ۾ ان تازي اڳڀرائي بابت ٻڌايو ته لائيڊ آسٽن اهو حڪم اس??ائيلي دفاع واري وزير يووگيلنٽ سان ڳال??ين کان پوءِ جاري ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي آمريڪي فوج جي پوسٽ مطابق ايٽمي آبدوز يو ايس ايس جارجيا جولاءِ ۾ رومي سمنڊ ۾ اڳ کان موجود آهي. آمريڪي دفاع واري وزير جي پنهنجي اس??ائيلي هم منصب سان ڳال??ين کان پوءِ پينٽاگون بيان ۾ چيو آهي، ته دفاعي سربراهه ابراهم لنڪن اسٽرائيڪ گروپ کي علائقي ۾ فوري مقرري جو حڪم ڏنو آهي. پينٽاگون جي پريس سيڪريٽري ميجر جنرل پيٽ رائيڊر چيو ته لائيڊ آسٽن اس??ائيل جي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي آمريڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ وڌندڙ علائقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي طاقت جي پوزيشن ۽ صلاحيت?? جو جائزو ورتو.
آمريڪي دفاع واري وزير طرفان وچ اوڀر ۾ گائيڊڊ ميزائيل آبدوز ۽ تباهي آڻيندڙ سامونڊي جهاز کي فوري موڪلڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ