رياض-09 جولاءِ (اي پي پي) سعودي عرب جي پ??ڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان آئرلينڊ جي نائب وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ دفاع واري وزير مائيڪل مارٽن ٽيلي فونڪ رابطو ڪيو ۽ غزه جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. اردو نيوز مطابق ٽيليفونڪ رابطي دوران سعودي عرب ۽ آئرلينڊ وچ ۾ ٻه طرفن ناتن ج?? جائزو ورتو ويو. هلندڙ سال ٻئي ملڪ ٻه طرفن ناتن جي قيام جي 50 هين سالگره ملهائي رهيا آهن. هن مختلف شعبن ۽ يورپي يونين جي فريم و??ڪ اندر لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش تي زور ڀريو ۽ غزه ، لبنان جي صورتحال ۽ خطي ۾ تڪرارن جي وڌڻ جي خطري تي ڌيان ڏيندي علائقائ?? صورتحال تي به ڳالهيون ڪيون. ان کان علاوه اردن جي پ??ڏيهي وزير ايمن الصفدي به آئرلينڊ جي هم منصب سان گڏ غزه تڪرار ۽ انساني بحران کي روڪڻ جي ڪوششن تي ڳالهيون ڪيون. اردن جي پ??ڏيهي وزير غزه ۾ اسرائيل طرفان عالمي قانون ج??ن ڀڃڪڙيون روڪڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت، شهرين جي تحفظ ۽ غزه ۾ امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻ تي زور ڀريو.
سعودي پرڏيهي وزير سان آئر لينڊ جي قيادت جو ٽيلي فونڪ رابطو، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا