اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي بالاڪوٽ ويجهو مبينا دهشتگرد ڪيمپ کي هد?? بڻائڻ ۽ وڏي جاني نقصان جي ڀارتي دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته هڪ دفعو ٻيهر ڀارتي حڪومت فرضي ۽ ڪوڙين دعوائن جو سهارو ورتو آهي، ڀارت بنا ڪنهن سبب جي جار??يت جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ پاڪستان جوابي ڪارروائي لاءِ وقت ۽ جڳهه جو تعين پاڻ ڪندو، هٿياربند فوج ۽ پاڪستان جي عوام هر قسم جي حالتن جي لاءِ تيار رهي. قومي سلامتي ڪميٽي جو خصوصي اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ ٿيو جنهن ۾ پرڏيهي وزير، دفاع واري وزير، ناڻي واري وزير، جوائنٽ چيفس آف اس??اف ڪميٽي جي چيئرمين، چيف آف آرمي اس??اف، چيف آف نيول اس??اف، پاڪ فضائيه جي سربراه?? ۽ ??ين سول ۽ عسڪري عملدارن شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی