اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان پنهنجي حصيداري ۽ ويجهن دوستاڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ۽ ??فا??، توانائي، واپار ۽ اقتصادي شعبن ۾ گڏيل طور تي فائديمند لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏ??ڻ جو خواهشمند آهي. هن اها ڳالهه آذربائيجان جي ??فا??ي صنعت واري وز??ر ياور جمالوف سان وز??راعظم هائوس ۾ ڳالهائيندي چئي. ٻنهي طرفن کان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ ۽ نوان موقعا ڳولڻ جي لاءِ گڏيل وزارتي اجلاس جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ياور جمالوف جي آجيان ڪندي وز??راعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ويجهي ماضي ۾ ڊيووس ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪيو جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن ۾ اضافي تي اتفاق ڪيو هو.
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ