اوٽاوا – 15 آڪٽوبر (اي پي پي ) ڪينيڊا عليحدگي پسند سک اڳواڻ جي قتل ۾ ملوث هجڻ جي الزام ۾ هاءِ ڪمشنر سميت ڀا??ت جي 6 سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو هڪ نيوز ڪانفرنس ۾ چيو ته حڪومت وٽ هاڻي واضع شاهديون موجود آهن ته ڀا??تي حڪومت جا ايجنٽ اهڙ??ن سرگر??ين ۾ ملوث رهيا آهن ۽ انهن اهڙ??ن سرگر??ين کي جاري رکيو آهي جيڪي عوامي تحفظ لاءِ اهم خطرو آهن . هن ٻڌايو ته انهن سرگر??ين ۾ ڳجهي معلومات گڏ ڪرڻ جي مهارت ، زور زب??دس??ي جو رويو ، ڏکڻ ايشيائي ڪينڊين شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ قتل سميت درجن کان وڌيڪ ڌمڪي آميز ۽ پرتشدد ڪاروائين ۾ ملوث هجڻ شامل آهي . جسٽن ٽروڊو چيو ته اهو عمل قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي ، ڀا??ت ڪينيڊا ۾ ڏوهاري سرگر??ين ۾ ملوث ٿي بنيادي غلطي ڪري رهيو آهي.
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores