گڏيل قومون-06 جون (اي پي پي) گڏيل قومن جي اداري يونيسيف چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ 5 س??لن کان گهٽ عمر جي هر چئن مان هڪ ٻار شديد غذائي کوٽ جو شڪار آهي. يونيسيف جي رپورٽ جي مرڪزي مصنف هيريئٽ ٽورليس موجب انهن ٻارن جو تعداد 18 ڪروڙ ٺهي ٿي ۽ غذائي کوٽ سبب انهن جي واڌ ويجهه ۽ ترقي تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. انهن ٻا??ن کي زنده رهڻ لاءِ تمام گهٽ خوراڪ دستياب آهي. يونيسيف موجب 5 س??لن کان گهٽ عمر جي ٻا??ن کي روزاني 8 اهم گروپن مان پنج غذائون کائڻ گهرجن جن ۾ ماءُ جو کير، اناج، پاڙن واري ڀاڄي، ٽيو??رز ۽ پلانٽين، داليون ۽ ميوا ۽ ٻج، گوشت، پولٽري ۽ مڇي، بيضا وٽامن اي سان ڀرپور ميوا ۽ ڀاڄيون ۽ ٻيا ميوا ۽ ڀاڄيون شامل آهن. يونيسيف موجب اٽڪل هڪ سئ?? کان گهٽ ۽ وچولي آمدني وارن ملڪن ۾ رهندڙ پنج س??لن کان گهٽ عمر جا 440 ملين ٻار غذائي غربت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، يعني کين روزاني مٿي ڏنل پنج فوڊ گروپن تائين پهچ ناهي. انهن مان 181 ملين ٻا??ن کي وڌ کان وڌ ٻن فوڊ گروپس تائين پهچ حاصل آهي.
سڄي دنيا ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي هر چئن مان هڪ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهي: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر