نيويارڪ -29 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا ??ور سفارتي لاڳاپا قائم ٿي ويا. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۾ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير راڪم ۽ اوڀر ڪيريبين ۾ واقع ويسٽ انڊيز جي ٻيٽ جي ملڪ سينٽ لوش??ا سان سندس هم منصب مينيسا ريمبالي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي باضابطا بڻائڻ لاءِ سندن حڪومتن طرفان هڪ گڏيل پڌرنامي تي صحيحيون ڪيون ويون. ان موقعي تي پاڪستاني نمائندي ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن دولت مشترڪه سميت گهڻ رخي فورمز تي سهڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته باضابطا لاڳاپن جي قيام سا?? ٻه طرفي لاڳاپن خاص ??ور تي واپار، سياسي سهڪار جي شعبن ۽ سياحت کي هٿي ملندي. ان موقعي تي سينٽ لوشيا جي سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جي هڪ نئين پر اهم باب جي شروعا تي خوشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي اسٽار ڪرڪٽر ڊيرن سيمي جنهن جو تعلق سينٽ لوش??ا سان آهي، هڪ اعزازي پاڪستاني شهري به آهي جيڪو سدائين پاڪستان ۽ اتان جي عوام جي مهمان نوازي بابت ڳالهيون ڪندو آهي. سفير تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستاني نمائندي جو شڪريو به ادا ڪيو.
پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قائم
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان