رياض-28 فيبروري (اي پي پي) سعودي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي سربراهي ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ اندروني ادارن کي منظم ڪرڻ لاءِ ق??مي فريم ورڪ ۽ ريلوي سسٽم جي ضابطن جي منظوري ڏني وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اجلاس ۾ معذور ماڻهن لاءِ غير سرڪاري ادارن ۾ فراهم ٿيندڙ سهولتن جا ضابطا م??رر ڪرڻ ۽ خاص ماڻهن لاءِ پيشيور پروگرامن جا ضابطا تيار ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا اجلاس جي شروعات ۾ شاهه سلمان کي جمهوريه تاجڪستان جي صدر پار??ن مليل پيغام سميت ملڪ جي ولي عهد ۽ وزيراعظم سان يوڪرين جي صدر ۽ رشين فيڊريشن جي وفد جي ملاقات جي حوالي سان پڻ ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو. جڏهن ته برازيل ۾ ٿيل جي 20 پرڏيهي وزيرن جي اجلاس کان پڻ آگاهي فراهم ڪئي وئي. وزيرن واري ڪائونسل سعودي آئل ڪمپني آرامڪو کي گئس جي ذخيرن ۾ اضافي جي حوالي س??ن مليل ڪاميابين کي سٺو سنئوڻ قرار ڏنو، ڪابينا عرب گهرو وزيرن جي 41 هين اجلاس جي حوالي سان پڻ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. قونصل فلسطين ۽ خاص طور تي غزه پٽي ۽ ان جي ڀرپاسي واري انساني صورتحال جي سنگين کي ختم ڪر?? واري معاملي تي پڻ ڳالهيون ڪيون ۽ اتي وڌندڙ عسڪري ڪاررواين کي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ خط??و قرار ڏنو، اجلاس ۾ ملڪ ۾ سياحت کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان پڻ ڳالهين کي بهترين قدم قرار ڏنو ويو.اجلاس ۾ صحت واري وزير يا ان جي م??رر ڪيل نمائندي کي ترڪمانستان جي صحت واري وزارت س??ن مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جو اختيار ڏنو ويو جنهن موجب ٻئي ملڪ دواسازي ۽ صحت جي معاملن ۾ سهڪار ڪندا.
غزه ۾ وڌندڙ عسڪري ڪارروايون امن ۽ سلامتي لاءِ خطرو آهن: سعودي ڪابينا
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس