لڪسمبرگ-17 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي نا??ي واري وزير جينيٽ ييلن چيو آهي ته سندس ملڪ هڪ ئي وقت ٻن محاذن تي جاري جنگين لاءِ مالي مدد فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. برطانوي خابرو اداري اسڪائي نيوز کي انٽرويو ۾ هن چيو ته آمريڪا ??من?? پار پنهنجي ??فادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ يوڪرين ۽ اسرائيل ٻنهي جي ??ڪٻئي سان مدد ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو ۽ ان مقصد لاءِ سندس وٽ چڱا خاصا وسيلا موجود آهن، هن چيو ته آمريڪا يقيني طور تي اسرائيل سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ اسرائيل جي ??وجي ضرورتن جي حمايت ڪرڻ جي سٽ سهي سگهي ٿو ۽ اسان روس خلاف ان جي جدوجهد ۾ يوڪرين جي حمايت به ڪري سگهون ٿا ۽ ضرور ڪنداسين، تنهن هوندي به وچ اوڀر ۾ هڪ هڪ وڏي جنگ جي امڪاني معاشي اثرن جو مڪمل ڪاٿو لڳائڻ هن وقت ممڪن ناهي، آمريڪي نا??ي واري وزير چيو ته اسان کي اسرائيل ۽ يوڪرين ٻنهي لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي انسپيڪٽر جنرل جي آفيس موجب آمريڪا پهرين ئي يوڪرين لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 113 ملين ڊالرن جي امداد جي ??نظوري ڏئي چڪو آهي. واضح رهي ته آمريڪي شهرين ۾ يوڪرين جي ??وجي امداد لاءِ آمريڪي فنڊن جي ??راهمي جي ??خالفت ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي.
آمريڪا وٽ يوڪرين ۽ اسرائيل جي مدد لاءِ مالي وسيلا موجود آهن: آمريڪي ناڻي وارو وزير
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste